حاجي مير محمد بلوچ

حاجي مير محمد بلوچ

حاجي مير محمد بلوچ

حاجي مير محمد بلوچ: حاجي مير محمد ولد بلوچ خان سيلاوٽو بلوچ 1870ع ڌاري جيسلمير ۾ ڄائو. سندس تعلق راجپوتن جي چوهاڻ پاڙي سان هو، ننڍي هوندي مزدوري ڪري آهستي آهستي ننڍا مقاطعا کنيائين، ٿورو پئسو گڏ ڪري وڏا مقاطعا سرڪار ۽ ميونسپالٽيءَ کان کڻڻ شروع ڪيائين، جنهن مان ڪافي ملڪيت ٺاهيائين. ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ مئڪنن مئڪنزي جون عمارتون به سندس ٺهرايل آهن. هن گجراتيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جيتري تعليم ورتي. جلد ئي سرڪار طرفان کيس آنرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. هن 1919ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو، جنهنڪري کيس سرڪاري مقاطعا ملڻ بند ٿي ويا. سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جي خدمتن عيوض کيس نائب صدر چونڊيو ويو، جنهن دوران سنڌ ۽ هندستان ۾ ڪٿي به ڪانفرنس ٿيندي هئي ته گهڻو ڪري شامل ٿيندو هو. قومي خدمتن ۽ عمر رسيده هئڻ ڪري عام ماڻهو کيس ’بابا مير محمد بلوچ‘ ڪري سڏيندا هئا. 1926ع ۾ ڪراچيءَ طرفان کيس بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن سکر بئراج جي تعمير پئي ٿي ته هن ان جي تعميري نقصن تي سخت نقطه چيني ڪئي، انهيءَ سلسلي ۾ مسٽر محمد هاشم گذدر جي مدد سان هن ’ٻه چوپڙيون‘ (ڪتاب) ڇپرائي ورهايون، جنهن تي بمبئي سرڪار مجبور ٿي نواب علي يار جنگ ۽ سر ويسويسرايا نالي ٻه ماهر انڪوائريءَ لاءِ مقرر ڪيا. 1919ع ڌاري هن بمبئيءَ ۾ عورتن کي ووٽ جي حق ڏيارڻ جي تحريڪ ۾ ڪافي ڪوششون ورتيون. 1916ع ۾ حاجي مير محمد ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو، جنهن جي مکيه ڪميٽين تي ڪم ڪندو رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين ميمبر رهندو آيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ ۾ هن مکيه حصو ورتو، اول هيءُ ڪانگريس جو مکيه ڪارڪن ۽ ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو نائب صدر رهيو،.
جڏهن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ آل انڊيا آئيني سوالن تان اختلاف پيدا ٿيا ته هن مسلمانن جي عام راءِ کي نظر ۾ رکندي، مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. عمر جي آخري حصي ۾ مير محمد بلوچ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو ڪم ڪيو. باهمت ۽ اڻٿڪ قومي ڪارڪن، سچو محبتي، خوش اخلاق انسان هو. کيس اولاد ۾ هڪ پٽ مسٽر حسن علي هو. بمبئي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پرزور تقرير ڪندي بابا مير محمد بلوچ کي دل جي تڪليف ٿي پئي، جنهنڪري ڪراچي کڻي آيس، جتي هن 9 رمضان 1352هه مطابق 26 ڊسمبر 1933ع تي وفات ڪئي.


لفظ حاجي مير محمد بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو